تازه ترين

سنڌ جي گورنر سنڌ جي نگران وڏي وزير جي عهدي لاءِ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سنڌ جي نگران وڏي وزير جي عهدي لاءِ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ رعنا انصار وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ نگران وڏي وزير لاءِ نالن تي غور ڪيو ويو.

ملاقات دوران وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي  اڳواڻ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪيو جنهن کانپوءِ گورنر ڪامران ٽسوري کي خط لکيو ويو.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ رعنا انصار جي سفارش تي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ترجمان گورنر هائوس جو چوڻ آهي ته گورنر ڪامران ٽسوري آئين جي آٽيڪل 224، ون ايَ تحت جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي سنڌ جو نگران وڏو وزير بڻائڻ جي منظوري ڏني.

گورنر هائوس ذريعن جو چوڻ آهي ته نامزد نگران وڏي وزير جي حلف برداري تقريب سڀاڻي ٿيندي……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
58 %
2.2kmh
66 %
جمعو
14 °
ڇنڇر
19 °
آچر
22 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °

تازه ترين خبرون