تازه ترين

سنڌ حڪومت، تعليم، صحت ۽ روڊن جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ پرعزم آهي: ڄام خان شورو

- Advertisement -
سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري وزير ڄام خان شوري جي صدارت هيٺ اسڪول، فلٽر پلانٽ، صنعتي، ڪي فور، ڪي بي فيڊر، روڊن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن دوران مختلف ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين سيد نجم احمد شاهه، آبپاشي واري سيڪريٽري ظريف اقبال کھيڙو، صنعت واري سيڪريٽري ياسين شر بلوچ، لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آبپاشي واري سيڪريٽري پاران مکي فرش ڪينال، ننڍن ڊيمن، ڪي فور منصوبي ۽ ڪي بي فيڊر ڪئنال جي لائننگ بابت بريفنگ ڏني. ڄام خان شوري آفيسرن کي هدايت ڪئي ته وفاقي سطح تي سنڌ جي منصوبن لاءِ اسلام آباد ۾ هڪ يا ٻه آفيسر مقرر ڪيا وڃن. تعليم واري سيڪريٽري 401 اسڪولن جي تعميراتي اڳڀرائي بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري وزير، تعليم واري  سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته تعمير ٿيندڙ سڀني اسڪولن جي پائيداري گهٽ ۾ گهٽ 40 سال تائين يقيني بڻائي وڃي، تعميراتي مٽيريل ۽ معيار جو ٿرڊ پارٽي ذريعي سروي ۽ غيرجانبدار جائزو ورتو وڃي. ڄام خان شوري چيو ته سائٽ ايريا ۾ روڊن ۽ ٻين تعميراتي منصوبن کي ماهرن جي صلاح سان تيار ڪيو ويو آهي۽ منصوبن جو ٽيسٽنگ ورڪ اين اي ڊي يونيورسٽي جي ماهر انجنيئرن جي نگراني ۾ ٿيندو. سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز اجلاس کي روڊن سان لاڳاپيل وفاقي پي ايس ڊي پي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزير چيو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي سان گڏ هن حوالي سان هڪ الڳ اجلاس جلد گهرايو ويندو. ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري جي آگاھي ڏني ته واٽر فلٽر پلانٽ تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. ڄام خان شوري هدايت ڪئي ته واٽر فلٽر پلانٽ جي منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان بابت تفصيلي اجلاس طلب ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪشمور، بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ٿرپارڪر جي ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجن ضلعن جي پي ايس ڊي پي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت تعليم، صحت ۽ روڊن جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ پرعزم آهي، جاري منصوبن جي شفاف نگراني ۽ وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ نئين پاليسي جوڙي وئي آهي. ڄام خان شوري چيو ته سڀني جاري اسڪيمَن جو مڪمل ڊيٽا، خرچن جون تفصيلون ۽ گهٽ يا وڌيڪ فنڊ استعمال ڪندڙ منصوبن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته منصوبن جي معيار تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن اسڪيم ۾ غفلت يا ناڪامي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر کي ذميوار قرار ڏنو ويندو. سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري وزير چيڳ ته پارٽي قيادت ۽ وڏو وزير ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت بريفنگ وٺندا رهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون