سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا هن وقت به 120 ارب رپيا سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهي، اهي پئسا سنڌ جي ماڻهن جا آهن اهي سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر تي خرچ ٿيڻ گهرجن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسٽي سبب سنڌ جا پئسا ڦاٿل آهن جنهن تي سمورن ميمبرن کي آواز اٿارڻ گهرجي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ روينيو بورڊ اڳ ۾ خودمختيار ادارو هو پر هاڻي اهو ناڻي کاتي ۾ اچي ويو آهي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ايس آر بي الڳ ۽ ايڪسائيز کاتو الڳ آهي ۽ انهن جا ڪم به ڌار ڌار آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهي گاڏين وغيره جا ٽيڪس اوڳاڙين ٿا ۽ سنڌ روينيو بورڊ جو ڪم پنهنجو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ايڪسائيز کاتي مان ايجنٽ سسٽم ختم ڪري ڇڏيو آهي، ڪابه رجسٽرڊ گاڏي پورٽ کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي.
سندس چوڻ هو ته مهانگيون گاڏيون خريد ڪندڙ ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته نمبر پليٽ سرچ گاڏي جي رجسٽريشن جو آن لائن سسٽم موجود آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبائي ٽيڪس چالان آن لائن جمع ڪرائي سگهجي ٿو