تازه ترين

سنڌ حڪومت سان فراڊ ڪري اربين رپين جي زمين حاصل ڪرڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

- Advertisement -
سنڌ حڪومت سان فراڊ ڪري اربين رپين جي زمين حاصل ڪرڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي. اڳوڻي صوبائي وزير موهن مل ڪوهستاني پنھنجي عهدي ۽ سياسي اثر رسوخ جو ناجائز استعمال ڪندي سئو ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ تي حاصل ڪئي. اقليتن واري صوبائي وزير جي عهدي تي هوندي موهن مل وڏي چالاڪي سان غريب ۽ ضرورتمند ڄاڻائي 2008 ۾ ان وقت جي وڏي وزير کي پنهنجي ڀاءُ رامون مل جي نالي تي سئو ايڪڙ زمين رهائشي اسڪيم ليز تي ڏيڻ جي باقاعدي درخواست ڏني هئي. سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل سنڌ سرڪار سان غلط بياني ۽ فراڊ ڪري حاصل ڪيل زمين جا اھم دستاويز حاصل ڪري ورتا. دستاويزن موجب، سئو ايڪڙ  زمين ديهه الهه ڦهائي تپو سونگل تعلقي گڏاپ ٽائون ۾ اڳوڻي صوبائي وزير پنهنجي ڀاءُ جي نالي تي 2012ع ۾ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته موهن مل پنهنجي ڀاءُ کي غريب ڄاڻائي ليز تي حاصل ڪيل زمين کي سي مان اي ون ڪيٽيگيري ۾ تبديل ڪرائي ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي. دستاويزن موجب، زمين جي منظوري باوجود سرڪاري طور مقرر في ايڪڙ ڇھه لک 25 هزار ايڪڙ جي حساب سان ليز جي ڪل رقم ڇھه ڪروڙ 25 لک هن ڏھه سالن تائين خزاني ۾ جمع نھ ڪرائي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته ڏھن سالن اندر زمين جي ماليت سئو سيڪڙو وڌڻ کانپوءِ ھن ليز رد ٿيڻ جي خطري سبب پراڻي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي. دستاويزن موجب، غريب ڄاڻائي حاصل ڪيل زمين تي سوني بلڊرز اينڊ ڊيولپرز جي نالي سان اسڪيم جوڙي ڪمرشل فائدو حاصل ڪرڻ واري فراڊ جو بھ انڪشاف ٿيو آھي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته شروع ۾ زمين پنھنجي ڀاءُ جي نالي وٺي اسڪيم ۾ وڏي چالاڪي سان هن پنهنجي پٽ راهول راءِ کي ڀاءُ رامون مل سان گڏ ڊائريڪٽر بڻائي ڇڏيو. دستاويزن موجب، اڳوڻي صوبائي وزير بينڪ اڪائونٽ کولڻ وقت پنھنجي ڀاءُ رامون مل کي بھ پاسيرو ڪري سمورا اختيار پنھنجي پٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون