تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم روايتي تعليمي نظام وانگر پڙھائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم روايتي تعليمي نظام وانگر پڙھائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جو چوڻ آهي ته اهو قدم ٽيڪنيڪي ۽ ھنري مهارت سيکارڻ توڙي روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. “مڊل ٽيڪ انيشيٽو” تحت سرڪاري اسڪولن ۾ ھنري تعليم کي روايتي تعليم جو حصو بڻائڻ جي سلسلي ۾ سي ايم ايس گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ڪراچي ۾ تقريب ٿي. تقريب ۾ تعليم واري وزير سردار علي شاهه، اڳوڻي تعليم واري وقتي وزير رعنا حسين، اسڪول ايجوڪيشن سيڪريٽري زاهد علي عباسي، جائيڪا جي چيف ايڊوائيزر، چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر فوزيه خان، ڊائريڪٽر اسڪول ڪراچي مرزا ارشد بيگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير سردار علي شاهه چيو ته سنڌ تعليمي سڌارن جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هڪ ٻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته اسڪولن ۾ مڊل ٽيڪ تعليم هڪ اهڙو تعليمي ماڊل آهي، جيڪو شاگردن کي ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻيون مهارتون سيکارڻ ۽ روزگار جا موقعا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سندس چوڻ هو ته هن وقت سنڌ ۾ 21هين صدي جي ضرورتن موجب تعليمي سڌارا لازمي آهن، “هي قدم شاگردن کي سماجي ۽ اقتصادي لحاظ کان قابل شهري بڻائڻ ڏانهن هڪ قدم آهي. تعليم واري وزير چيو ته وسيلن جي کوٽ جهڙن مسئلن جي ڪري ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، اهڙن قدمن جي مدد سان ٻار پنهنجي شاگرديءَ جي دوران خودمختيار بڻجي پنهنجا تعليمي خرچ پورا ڪرڻ سان گڏ خاندان جي لاءِ سھارو پڻ بڻجي سگهندا. صوبائي وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 300 اسڪولن ۾ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن، جن سان 65,000 ٻارڙن کي روايتي تعليم سان گڏ ٽيڪنيڪي تعليم جي ڄاڻ پڻ ڏني ويندي. سيد سردار علي شاهه چيو ته مڊل ٽيڪ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ميٽرڪ ٽيڪ ۽ پوءِ ڪاليجز ۾ انٽر ٽيڪ ڪلاسز پڻ جلد شروع ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون