- Advertisement -
سنڌ حڪومت صحت لاءِ هاڃيڪار شيون وڪرو ڪندڙن خلاف گذريل مهيني ڪيل ڪاررواين جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ خوراڪ جي معيار کي يقيني بڻائڻ لاءِ 16 هزار 61 ڪارروايون ڪيون ويون.
ڄام خان شوري جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 6 هزار 244 ۽ حيدرآباد ۾ 4 هزار 597 ڪارروايون ڪيون ويون.
صوبائي وزير موجب سکر ۾ هڪ هزار 175 ۽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ هزار 922 انسپيڪشنون ڪيون ويون.
ڄام خان شوري موجب سنڌ فوڊ اٿارٽي طرفان 3 هزار 781 فيڪٽرين ۽ هوٽلن کي سڌارا آڻڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا.
صوبائي وزير موجب فوڊ اٿارٽي طرفان خوراڪ جي حفاظتي معيار جي ڀڃڪڙي تي 941 يونٽن تي ڏنڊ هنيو ويو.
ڄام خان شوري جو چوڻ هو ته فوڊ اٿارٽي طرفان 171 يونٽن جون سرگرميون سنگين ڀڃڪڙين تي معطل ڪيون ويون.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته کير ۾ ملاوٽ خلاف مهم ۾ 118 کير جا نمونا ورتا ويا، کير جي 63 نمونن ۾ ملاوٽ ثابت ٿي.
صوبائي وزير ڄام خان شوري جو چوڻ هو ته کير ۾ ملاوٽ ڪندڙ دڪاندار تي ڳرا ڏنڊ مڙهيا ويا.
هن چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي طرفان 463 آر او پلانٽن جو معائنو ڪيو ويو، سنڌ فوڊ اٿارٽي 233 آر او پلانٽن جا لائسنس معطل ڪيا ويا.
ڄام خان شوري جو چوڻ هو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي صحت جي حفاظت لاءِ سخت ريگيوليٽري قدم کڻڻ جاري رکندي.- Advertisement -
