- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ هر صورت دهشتگردي جو خاتمو، امن امان جي بحالي ۽ ڊرگ مافيا جو خاتمو چاهي ٿي، هن وقت ڪچي ۾ ڏوهارين ۽ ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ سرڪار اڳ به امن امان بحال ڪيو آهي ۽ هاڻي به بحال ڪري ڏيکاريندي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايڪپس ڪميٽي جو 30 هون اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ايپڪس ڪميٽي جي سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايپڪس ڪميٽي 15-2014ع ۾ قائم ڪئي وئي، سنڌ حڪومت 15-2014ع ۾ اهم معاملن خاص طور تي سڪيورٽي بابت گڏيل صلاح مشورا ڪيا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ هر صورت دهشتگردي جو خاتمو، امن امان جي بحالي ۽ ڊرگ مافيا جو خاتمو چاهي ٿي، اڄ ايپڪس ڪميٽي جو 30 هون اجلاس سنڌ سرڪار جي عزم جو نتيجو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت ڪچي ۾ ڏوهارين ۽ ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار اڳ به امن امان بحال ڪيو آهي ۽ هاڻي به بحال ڪري ڏيکاريندي، اڄوڪي اجلاس ۾ امن امان، دهشتگردي، اينٽي سمگلنگ، اينٽي نارڪو ٽيڪس جي خاتمي ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ٿيون- Advertisement -
