تازه ترين

سنڌ حڪومت طرفان نئين مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي

سنڌ حڪومت طرفان نئين مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي.

سنڌ جي نئين مالي سال 25-2024 جون بجيٽ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو ساڍا 23 کرب کان وڌيڪ هوندو.

سنڌ جي مختلف کاتن لاءِ رکيل بجيٽ جا انگ اکر سنڌ ٽي وي نيوز حاصل ڪري ورتا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ تعليم لاءِ 400 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، تعليم کاتي ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ ملازمتون بجٽ ۾ شامل هونديون.

ذريعن موجب، گهرو کاتي پاران پوليس لاءِ 170 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، صحت کاتي لاءِ  275 ارب رپين جي بجيٽ رکي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرنٽ ريونيو خرچ هڪ هزار 899 ارب رپيا هوندو، مڪاني کاتي لاءِ 150 ارب رکيا ويا.

ذريعن موجب، سڀاڻي صوبائي ڪابينا جي منظوري بعد سنڌ جي بجيٽ اسمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون