سنڌ حڪومت طرفان نئين مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي، گهٽ ۾ گهٽ اجورو 35 هزار مقرر ڪرڻ، پگهارون پندرهن کان ويهه سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته 50 هزار کان وڌيڪ نين ڀرتين جو به اعلان ڪيو ويندو.
سنڌ جي بجيٽ سڀاڻي پيش ٿيندي، جنهن لاءِ صوبائي ڪابينا جو اجلاس صبح نائين وڳي طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، جنهن بعد وڏو وزير بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪندو.
نئين مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو ساڍا 23 کرب کان ونيدو هوندو، ساليانو ترقياتي پروگرام 430 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي.
ضلعي ترقياتي پروگرام اي ڊي پي لاءِ 36 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي ويندي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 15 کان ويهه سيڪڙو واڌ جي تجويز شامل آهي.
نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 50 هزار کان وڌيڪ نين ڀرتين جو به اعلان ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 200 گهرن کي سولر سسٽم ڏيڻ جي تجويز به شامل آهي.
ان سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر شاهه چيو ته 14 جون تي سنڌ سرڪار عوام دوست بجيٽ پيش ڪندي.
هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جا جيڪي گهر ٺهي نه سگهيا آهن، انهن جي جلد اڏاوت ڪئي ويندي، سنڌ ۾ 21 لکن کان وڌيڪ گهر تعمير ڪرايا ويا آهن.
ناصر شاهه چيو ته بجيٽ ۾ توانائي لاءِ سٺي رقم رکي وئي آهي، وفاقي بجيٽ عوام دوست نه هئي ته پ پ احتجاج ڪندي…….