تازه ترين

سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل واعده پورا ڪري رهي آهي: پ پ ايم اين اي رفيق جمالي

- Advertisement -
پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پارٽي قيادت جي هدايتن تحت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي ۽ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي دادو ۾ چيسٽ پين يونٽ جو دورو ڪري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رفيق احمد جمالي چيو ته يونٽ ۾ پنج ڪروڙ رپين جا جديد طبي اوزار لڳايا ويا آهن، شروعاتي مرحلي ۾ 20 بسترن جي گنجائش رکي وئي آهي. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ يونٽ کي اپ گريڊ ڪري انجيو پلاسٽي ۽ انجيو گرافي جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويڪسولر ڊزيز سيوهڻ ۽ دادو کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جي مفاصلي تي آهي، تنهن ڪري ادارو قائم ٿيڻ سان مريضن کي فوري طور طبي سهولت ملي سگهندي. رفيق احمد جمالي چيو ته سنڌ سرڪار پارٽي قيادت جي هدايتن تي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي ۽ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون