سنڌ حڪومت عيد جي موقعي تي سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگهارون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگهارون ڏنيون وينديون.
اهو فيصلو سرڪاري ملازمن جي سهولت لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي عيد جي تياري ڪري سگهن.
ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگهارون 21 مارچ تي ادا ڪيون وينديون.