تازه ترين

سنڌ حڪومت منشيات خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت منشيات خلاف فيصلائتي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي آفيسرن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي  وزير کي منشيات خلاف هلندڙ ڪارراوين تي بريفنگ ڏني. شرجيل ميمڻ منشيات خلاف فيصلائتي  ۽ روزانو جي بنياد تي ڪارروائي جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته منشيات وڪرو ڪندڙ معاشري لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن، انهن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو. شرجيل ميمڻ چيو ته شهرن يا ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ منشيات جي سپلاءِ ۽ استعمال ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پوليس به ايڪسائز ٽيمن جي مدد لاءِ هر وقت تيار رهندي، منشيات خلاف حڪومت سنڌ حڪومت جي پاليسي زيرو ٽالرنس واري پاليسي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ ڏوهاري سان ڪا به نرمي نه ٿيندي، ڪيسن جي پراسيڪيوشن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن منشيات وڪرو ڪندڙ انجام تائين پهچن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
43 %
3.1kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون