تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ ۽ في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ هارين جي تربيت شروع ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ حڪومت موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ ۽ في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ هارين جي تربيت شروع ڪري ڇڏي. زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي زرعي شعبي لاءِ وڏو خطرو بڻجي وئي آهي، فصل متاثر ٿي رهيا آهن ۽ هارين کي نقصان ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هارين جي تربيت بابت کنيل قدمن سان نه صرف هارين جي آمدني وڌندي پر خوراڪ جي تحفظ کي به يقيني بڻايو ويندو. محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته ڪلائميٽ اسمارٽ ايگريڪلچر منصوبو “سنڌ واٽر اينڊايگريڪلچر ٽرانسفارميشن” جي تحت شروع ڪيو ويو آهي. زراعت واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته هارين کي فصل جي پيداوار، ٻوٽي جي واڌ، جيتن جي خاتمي ۽ گهٽ پاڻيءَ تي فصل پوکڻ جا طريقا سيکاريا پيا وڃن. محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته هي منصوبو 5 سالن تي ٻڌل آهي ۽ 2028 تائين جاري رهندو. سندس چوڻ هو ته منصوبي ۾ 180 فيلڊ اسڪول قائم ڪيا ويندا ۽ ساڍا چار هزار هارين کي تربيت ڏني ويندي. محمد بخش مهر جو چوڻ هو تههن سال پهرين مرحلي ۾ 750 هارين کي جديد زرعي طريقن جي تربيت ڏني پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته سکر، ميرپورخاص ۽ بدين ۾ 30 ڊيمو پلاٽس ۽ فيلڊ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن, جتي تربيت ڏني پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
15 %
3.3kmh
100 %
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
23 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون