تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ڪمرشل گاڏين جي ڊجيٽلائيزيشن توڙي آٽوميشن جو فيصلو

سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ڪمرشل گاڏين جي ڊجيٽلائيزيشن توڙي آٽوميشن جو فيصلو ڪيو آهي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ذيلي ادارن ايس ايم ٽي ايَ، پي ٽي ايَ، آر ٽي ايَ ۽ ٽرانس ڪراچي جي به ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي سافٽ ويئر سان پي ٽي ايز کي پاڻ ۾ ڳنڍيو پيو وڃي،  بين الصوبائي روٽ پرمٽس جو به پتو لڳائي سگهبو.

هن چيو ته روٽ پرمٽس جاري ڪرڻ ۽ رينيوئل جو نظام آن لائن ڪيو پيو وڃي، ڊجيٽلائيزيشن سان ٽرانسپورٽر آن لائن روٽ پرمٽس اپلاءِ ۽ رينيوئل ڪرائي سگهندا.

شرجيل ميمڻ چيو ته روٽ پرمٽس، فٽنس سرٽيفڪيٽ، باڊي ميڪرز جي پرمٽ جاري ڪرڻ کي آسان بڻائڻ لاءِ آن لائن ڪيو پيو وڃي، عوامي شڪايتي مرڪز به قائم ڪيو ويندو، سيڪريٽريٽ ۾ سموري ڄاڻ گڏ ڪئي ويندي.

سينيئر صوبائي وزير آٽوميشن نظام تي هر پندرهن ڏينهن ۾ اڳڀرائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ نظام آن لائن ڪرڻ سان روينيو ۾ اضافو ٿيندو، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان نظام ۾ شفافيت ايندي، پهرين مرحلي ۾ گاڏين جي فٽنس سرٽيفڪيٽن جي نظام کي آن لائن ڪيو پيو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون