سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ معذور ٻارڙن لاءِ ٽن ڏينهن واري سنڌ اسپيشل گيمز جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 12 سئو کان وڌيڪ خاص ٻارڙا حصو وٺندا.
راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر راندين واري سيڪريٽري سان گڏ 3 ڏينهن واري سنڌ اسپيشل گيمز ڪراچي جو افتتاح ڪيو.
سنڌ اسپيشل گيمز ڪراچي ۾ ايٿليٽڪس، تير اندازي، بيڊمنٽن، تائيڪوانڊو، ٽينس، فٽبال ۽ ٻيون رانديون شامل آهن.
ان حوالي سان صوبائي وزير محمد بخش مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جيپ ريلي، ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽ سنڌو درياءَ تي راندين جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ گيمز سان گڏ سنڌ بيچ گيمز کي به راندين جي ڪئلينڊر ۾ شامل ڪيو ويندو.
صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته خاص رانديون هاڻي سالياني ڪئلينڊر ۾ هميشه لاءِ شامل ڪيون وينديون، سندس ڪوشش آهي ته هن سال اسپيشل گيمز جو دائرو وڌايو وڃي، هو چاهي ٿو ته خاص ٻارڙا عالمي سطح تي کيڏن.
راندين واري وزير چيو ته 21هين صدي ۾ نوجوانن جي چئلينجن تي 21 فيبروري تي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي ۽ ٿر ۾ اسپورٽس فيسٽيول رکيو ويندو، 17 سالن بعد سنڌ نيشنل گيمز جي ميزباني ڪري رهي آهي.
صوبائي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ سبب پهريون ڀيرو سنڌ ۾ به اي-اسپورٽس جي شروعات ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڪراچي جا ٽيهه کان وڌيڪ ادارا ۽ 1200 کان وڌيڪ خاص ٻارڙا راندين ۾ وٺي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هو ٿر جيپ ريلي منعقد ڪري رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته پنجاب جا رانديگر سنڌ اچن ۽ راندين ۾ حصو وٺن.