- Advertisement -
سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عوامي هنڌن، گرين بيلٽس، روڊن، گهٽين ۽ رستن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪراچي شهر جي ترقياتي ڪمن ۽ ٻين مسئلن بابت اهم اجلاس ٿيو.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته حددخليون هٽائڻ لاءِ هن 12 جولاءِ تي هدايتون ڏنيون هيون.
هن چيو ته ڪجهه حددخليون هٽائڻ بعد ٻيهر قائم ڪيون ويون آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پوليس سميت شهر جا سمورا ادارا پنهنجي نگراني جو نظام بهتر ڪن.
وڏي وزير چيو ته شهر مان حددخلين جو خاتمو ڪري عوامي هنڌن کي اصل شڪل ۾ آندو وڃي.
هن چيو ته ضلعي انتظاميا، ٽائون ۽ پوليس گڏجي حددخلين جو خاتمو ڪري شهر صاف سٿرو رکن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حددخليون هٽائڻ سان گڏوگڏ فوٽ پاٿن جي فوري طور مرمت شروع ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ طارق روڊ، لياقت آباد، ايم اي جناح روڊ ۽ ٻين اهم رستن تان حددخليون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
صوبائي وزير سعيد غني جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جيڪا اڄ ئي 10 کان 15 رستن جي سڃاڻپ ڪري اتان حددخليون هٽائڻ جو ڪم شروع ڪرائيندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته غيرقانوني پارڪنگ ختم ڪئي وڃي، ڪنهن به صورت ۾ غيرقانوني پارڪنگ برداشت نه ڪئي ويندي.
وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ لائيٽس چوري يا خرا ٿي ويون آهن ته فوري طور اهي صحيح ڪري لڳايون وڃن، شهر جي روڊن جي جلد کان جلد مرمت ڪئي وڃي.- Advertisement -
