تازه ترين

سنڌ حڪومت 5 ضلعن ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت 5 ضلعن ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ زمينون آباد ڪرڻ بابت نظام ۽ سمنڊ جو پاڻي ري سائيڪلڊ ڪري صنعتن کي ڏيڻ بابت منصوبو آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ مختلف منصوبن بابت گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجي، ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران اولهه ڪراچي ري سائيڪلڊ واٽر پراجيڪٽ تي ڳالهيون ويون، وڏي وزير جو چوڻ هو ته ويسٽ ڪراچي ري سائيڪلڊ واٽر پراجيڪٽ ون 35 ايم جي ڊي ٽريٽ ڪندو.

هن چيو ته سائٽ ۾صنعتي استعمال لاءِ ري سائيڪلڊ پاڻي فراهم ڪرڻ سان گهرن کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو ويندو، پاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ سان سمنڊ ۾ ماحولياتي گدلاڻ به گهٽ ٿي ويندي.

اجلاس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي پراجيڪٽ ۾ بسن سان گڏوگڏ انهن جو آپريشن شامل آهي.

هن چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي لاءِ پرائيويٽ پارٽنر پورو پراجيڪٽ هلايو ويندو.

شرجيل مي۾ڻ چيو ته منصوبي تحت 60 بسون هر ڊويزن کي ڏنيون وينديون، اهي بسو ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص  ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هلايون ويندو.

توانائي واري وزير ناصر شاهه ٻڌايو ته ڪول گيسيفڪيشن ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا ۽ چين ۾ هلي رهي آهي، ڪوئلي مان گيس ٺاهڻ جي ڪامياب ٽيڪنالاجي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون