تازه ترين

سنڌ حڪومت 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: سيد مراد علي شاهه

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا هوندو، بدقسمتيءَ سان نگران دور ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ٻاهران گهرائي وئي، جتي به بارداڻي جو مسئلو ٿيو، اتي سنڌ حڪومت بارداڻو خريد ڪندي، عدالتي اسٽي سبب هو نوڪريون نه پيا ڏئي سگهن، قانون وارو وزير اسٽي ختم ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جلد نوڪريون ڏنيون وينديون.

شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزيرچيو ته سنڌ حڪومت پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪري رهي آهي، هو قدرتي ڍورا بحال ڪري برسات ۽ ٻوڏ جي پاليسي کي رستو ڏيڻ چاهن ٿا.

هن چيو ته عدالتي اسٽي سبب هو نوڪريون نه پيا ڏئي سگهن، قانون وارو وزير اسٽي ختم ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جلد نوڪريون ڏنيون وينديون.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت 9 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا هوندو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته  بدقسمتيءَ سان نگران دور ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ٻاهران گهرائي وئي، جتي به بارداڻي جو مسئلو ٿيو، اتي سنڌ حڪومت بارداڻو خريد ڪندي.

هن چيو ته خوراڪ  وارو وزير ڄام خان شورو بارداڻي واري معاملي جي انڪوائري ڪري رهيو آهي، چار ڊي ايف سيز کي معطل ڪيو ويو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته هي صوبائي بجيٽ جي تياريءَ جو وقت آهي، هو چاهي ٿو ته ڪارڪن صوبائي سطح جي اسڪيمن تي تجويزون ڏين، سندس ترحيج آهي ته واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون ڏنيون وڃن، ايندڙ پنجن ورهين ۾ هر ڳوٺ ۾ صاف پاڻي پهچايو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون