تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا : ڊاڪٽر قادر مگسي

- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف اڄ ٻٻر لوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته ويهن سالن دوران سمنڊ اڍائي لک ايڪڙزمين ڳڙڪائي ويو آهي،  پرويز مشرف ٿل ڪئنال منصوبو ڏهن سالن دوران نه ٺاهي سگهيو، پ پ حڪومت قرض وٺي به ٿل ڪئنال منصوبو مڪمل ڪيو، سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا،  پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿيڻ تائين پنجاب جو ڪو به منصوبو قبول ناهي. خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سندن سياست قومپرست فلسفي تي هلي رهي آهي. هن چيو ته هو هر قسم جي غلامي خلاف آهن، هنن هميشه جمهوري رويو اختيار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جو جاگيردار طبقو ترقي ۾ رنڊڪ آهي، هو ماڻهن جي زندگين تي قابض آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سياسي غلط پاليسين سبب جاگيردار طبقو زور وٺي رهيو آهي، عوام کي خيرات وٺڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آصف زرداري جڏهن به صدارتي  عهدي تي ويٺو، سنڌ جي وحدت تي وار ٿيندا رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف ڏهن سالن تائين ٿل ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ڪاميابي نه ملي سگهي، صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ پرڏيهي فنڊ وٺي به ٿل ڪئنال جي اڏاوت ڪئي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اڄ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون