تازه ترين

سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا : ڊاڪٽر قادر مگسي

- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف اڄ ٻٻر لوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته ويهن سالن دوران سمنڊ اڍائي لک ايڪڙزمين ڳڙڪائي ويو آهي،  پرويز مشرف ٿل ڪئنال منصوبو ڏهن سالن دوران نه ٺاهي سگهيو، پ پ حڪومت قرض وٺي به ٿل ڪئنال منصوبو مڪمل ڪيو، سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا،  پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿيڻ تائين پنجاب جو ڪو به منصوبو قبول ناهي. خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سندن سياست قومپرست فلسفي تي هلي رهي آهي. هن چيو ته هو هر قسم جي غلامي خلاف آهن، هنن هميشه جمهوري رويو اختيار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جو جاگيردار طبقو ترقي ۾ رنڊڪ آهي، هو ماڻهن جي زندگين تي قابض آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سياسي غلط پاليسين سبب جاگيردار طبقو زور وٺي رهيو آهي، عوام کي خيرات وٺڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آصف زرداري جڏهن به صدارتي  عهدي تي ويٺو، سنڌ جي وحدت تي وار ٿيندا رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف ڏهن سالن تائين ٿل ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ڪاميابي نه ملي سگهي، صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ پرڏيهي فنڊ وٺي به ٿل ڪئنال جي اڏاوت ڪئي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف اڄ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون