تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار طرفان فصلن جي نقصان جي ازالي لاءِ فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار طرفان فصلن لاءِ انشورنس پاليسي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري زراعت سهيل احمد قريشي، ڊپٽي سيڪريٽري احمد علي شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن جي فصلن جو ڪراپ انشورنس پروگرام شروع ڪرڻ بابت اهم بريفنگ ڏني وئي. صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته امڪاني ٻوڏ، برسات، بيماري، گرمي، جيت لڳڻ، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب فصلن کي ٿيندڙ نقصان جي ڪراپ انشورنس ٿيڻ ضروري آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن جي مدد لاءِ بينظير ھاري ڪارڊ شروع ڪيو آھي، سندن ڪوشش آھي ته بينظير ھاري ڪارڊ جي مد ۾ آبادگارن کي ڪراپ انشورنس جي سھولت فراھم ڪن. صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت فصلن جي انشورنس جو ھڪ سال لاءِ پائلٽ پراجيڪٽ خريف 2025 شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، انشورنس جي ماڊل کي ھلائڻ لاءِ پولا ايڊوائزرز سنڌ جي آبادگارن کي ايرياييلڊ انڊيڪس انشورنس تحت سپورٽ ڪندو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏھن ڪراپ انشورنس جو پائلٽ پراجيڪٽ ڪامياب ٿي ويندو ته پوءِ انجو دائرو وڌيڪ 27 ضلعن ۾ وڌائيندا. صوبائي وزير محمد بخش مھر چيو ته پائلٽ پراجڪيٽ ڪامياب ٿيڻ بعد ڪمند ۽ ٻين فصلن کي به ڪراپ انشورنس پراجيڪٽ ۾ شامل ڪرايو ويندو، پھرئين مرحلي ۾ 2 ضلعن لاڙڪاڻي ۽ گھوٽڪي ۾ ٽرائل بنياد تي انشورنس پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. سيڪريٽري زراعت سھيل احمد قريشي چيو ته سنڌ حڪومت رقم انشورنس ڪمپني کي ڏيندي جنھن کي ٽيڪنيڪلي سپورٽ پولاايڊوائزرز ڪندو. انشورنس ڪمپني پولا ايڊوائزر جي ڪنٽري هيڊ وداد دراني چيو ته هو لاڙڪاڻي ۽ گھوٽڪي جي سڀني تعلقن جي زرعي ايراضي جي انشورنس ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون