سنڌ سرڪار طرفان فصلن لاءِ انشورنس پاليسي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري زراعت سهيل احمد قريشي، ڊپٽي سيڪريٽري احمد علي شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آبادگارن جي فصلن جو ڪراپ انشورنس پروگرام شروع ڪرڻ بابت اهم بريفنگ ڏني وئي.
صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته امڪاني ٻوڏ، برسات، بيماري، گرمي، جيت لڳڻ، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب فصلن کي ٿيندڙ نقصان جي ڪراپ انشورنس ٿيڻ ضروري آھي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن جي مدد لاءِ بينظير ھاري ڪارڊ شروع ڪيو آھي، سندن ڪوشش آھي ته بينظير ھاري ڪارڊ جي مد ۾ آبادگارن کي ڪراپ انشورنس جي سھولت فراھم ڪن.
صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته سنڌ حڪومت فصلن جي انشورنس جو ھڪ سال لاءِ پائلٽ پراجيڪٽ خريف 2025 شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، انشورنس جي ماڊل کي ھلائڻ لاءِ پولا ايڊوائزرز سنڌ جي آبادگارن کي ايرياييلڊ انڊيڪس انشورنس تحت سپورٽ ڪندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏھن ڪراپ انشورنس جو پائلٽ پراجيڪٽ ڪامياب ٿي ويندو ته پوءِ انجو دائرو وڌيڪ 27 ضلعن ۾ وڌائيندا.
صوبائي وزير محمد بخش مھر چيو ته پائلٽ پراجڪيٽ ڪامياب ٿيڻ بعد ڪمند ۽ ٻين فصلن کي به ڪراپ انشورنس پراجيڪٽ ۾ شامل ڪرايو ويندو، پھرئين مرحلي ۾ 2 ضلعن لاڙڪاڻي ۽ گھوٽڪي ۾ ٽرائل بنياد تي انشورنس پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي.
سيڪريٽري زراعت سھيل احمد قريشي چيو ته سنڌ حڪومت رقم انشورنس ڪمپني کي ڏيندي جنھن کي ٽيڪنيڪلي سپورٽ پولاايڊوائزرز ڪندو.
انشورنس ڪمپني پولا ايڊوائزر جي ڪنٽري هيڊ وداد دراني چيو ته هو لاڙڪاڻي ۽ گھوٽڪي جي سڀني تعلقن جي زرعي ايراضي جي انشورنس ڪندا.