تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار طرفان ٽرانسپورٽرن کي ٽريفڪ قانونن ۽ روٽ پرمٽس شرطن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
سنڌ سرڪار طرفان ٽرانسپورٽرن کي ٽريفڪ قانونن ۽ روٽ پرمٽس شرطن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورين گاڏين کي مقرر رفتار سان هلائڻ لازمي هوندو، اوور لوڊنگ، غلط اوور ٽيڪنگ، تيز رفتاري، لاپرواهي سان ڊرائيونگ ۽ ون وي جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته نيشنل هاءِ وي سيفٽي آرڊيننس 2000 تحت ايڪسل لوڊ جي مقرر حد تي سختي سان عمل يقيني بڻائڻو پوندو، ايل پي جي يا سي اين جي هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي جي ٽرانسپورٽ، اسڪول، ڪاليج يا تعليمي ادارن جي گاڏين ۾ استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سمورين پبلڪ سروس گاڏين ۾ ايمرجنسي ايگزٽ، فرسٽ ايڊ باڪس، فائز ايڪسٽينگشر جي دستيابي ۽ فعاليت لازمي قرار ڏني وئي آهي، گاڏيون رڳو درست دستاويزن، رجسٽريشن، فٽنس سرٽيفڪيٽ، روٽ پرمٽ تحت ۽ رڳو منظور ٿيل روٽن تي ئي هلايون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏين گاڏين لاءِ باءِ پاس ۽ لنڪ روڊ جن ۾ انڊس هاءِ وي ۽ مهراڻ هاءِ وي شامل آهن جي استعمال تي پابندي هوندي، ڊرائيورن وٽ ڊرائيونگ لائسنس لازمي هوندو. هن چيو ته ڪيترائي ٽرانسپورٽ آپريٽر پبلڪ سروس ۽ مال بردار گاڏيون بنا روٽ پرمٽ، فٽنس سرٽيفڪيٽ يا مدي خارج دستاويزن تي هلائي رهيا آهن جيڪا موٽر وهيڪل قانون ۽ روٽ پرمٽ جي شرطن جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سمورن ٽرانسپورٽرن ۽ آپريٽرن ي هدايت ڪجي ٿي ته هو 28 فيبروري 2026ع تائين پنهنجي گاڏين جي روٽ پرمٽ حاصل ڪن، مقرر تاريخ کانپوءِ سيڪريٽري پي ٽي اي، آر ٽي ايز، ٽريفڪ پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي ڀائيواري سان خصوصي مهم شروع ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هدايتن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ گاڏيون ضبط ڪيون وينديون ۽ آپريٽرن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا، قانون جي ڀڃڪڙي تي ايڪسائيز کاتي ذريعي گاڏين جي رجسٽريشن معطل ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته روٽ پرمٽ رد ڪري سرڪاري بقايا جي ادائگي ۽ ڪليئرنس کانپوءِ اهل ٽرانسپورٽرن کي الاٽ ڪيا ويندا….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون