- Advertisement -
سنڌ سرڪار طرفان پهرين جولاءِ کان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي منشيات ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪنهن شاگرد جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ته سندس نالو راز ۾ رکيو ويندو پر والدين کي آگاهه ڪيو ويندو، منشيات خلاف سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، عدالتي اسٽي آرڊر سبب سرڪاري ڪار وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ عدالت نوڪرين تي لڳايل اسٽي آرڊر واپس وٺي، ماڻهو ڪروڙين رپين جون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پهرين جولاءِ کان تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ٽيسٽون ڪرايون وينديون، جن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي، انهن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو پر والدين کي آگاهي ڏني ويندي.
هن چيو ته ايڪسائز کاتي ٽيڪس حدف مڪمل ڪيا، جعلي نمبر پليٽن خلاف ڀرپور ڪارروائي شروع ڪئي آهي، هڪ ٽڪ ٽاڪر پوليس موبائل جي نمبر پليٽ لڳائي وڊيو ٺاهي اهو لاڪ اپ آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته 29 جون تي پريميئم نمبر پيلٽن جي نيلامي ٿيندي، ان جو مقصد ماڻهن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ماڻهو ڪروڙين رپين جون گاڏيون وٺڻ لاءِ تيار آهن، پر ٽيڪس ڀرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ حڪومت کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
هن چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لانچ ٿي چڪو آهي، اتي هر شيءَ ملندي، موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي،
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جا سئو ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، عوام وڏي اڪثريت سان کين ڪامياب ڪيو، هو عوام آڏو ۽ اسيمبلي ۾ احتساب لاءِ تيار آهن.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڪراچيءَ ۾ مک مسئلو زمين ۽ اسٽاپ جو آهي، ان ڪري بسن جي اسٽاپ لاءِ ٻه ماڙ اسٽينڊ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڄام صادق پل تي ڪم پئي پيو، ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ لاءِ 61 ارب رپين جا منصوبا آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته سعدي ٽائون کان ٽاور تائين بل سروس شروع ڪئي پئي وڃي، هاڪس بيَ کان ماريپور روٽ به جلد شروع ڪيو ويندو.
صوبائي وزير چيو ته وزيراعظم ڪراچيءَ جي دوري دوران 150 بسن جو اعلان ڪيو، پر اهو وفاقي بجيٽ ۾ موجود ئي ناهي، وزيراعظم ڪيل واعدا پورا ڪري- Advertisement -
