سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاقي سرڪار منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي بسون ڏيڻ جي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي، بي آر ٽي منصوبو وقت تي مڪمل ڪيو ويندو، ماڻهن جي زندگي ۾ سولايون پيدا ڪرڻ حڪومتن جو ڪم آهي، سنڌ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ڪنهن به قسم جي پبلسٽي جي ضرورت ناهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي جو دورو ڪري منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
شرجيل انعام ميمڻ جاري تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ منصوبي جي اڳڀرائي جو معائنو ڪيو.
ڪنسلٽنٽس صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبو جوڙيو ويندو، سنڌ حڪومت طئي ڪري ڇڏيو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته ييلو لائن بي آر ٽي سيپٽمبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، کيس مئي تائين وقت ڏنو ويو ته مڪمل ٿيندو، مقرر وقت کان پنج مهينا اڳ منصوبو مڪمل ٿي ويندو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت شهرين جي سهولتن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، ڪراچي جي شهرين لاءِ شاهراهه ڀٽو ٺاهيو، ڄام صادق پل به ٻيهر ٺاهي رهيا آهن، حڪومتن جو ڪم عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي.
هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ به ڪجهه مسئلا هئا، گرين لائن ۽ اورينج لائن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا ۽ اوهان کي واضح فرق نظر ايندو، ٽرانسپورٽ کاتو سٺن آفيسرن سان گڏ بهتر نموني ڪم ڪري رهيو آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته وفاقي سرڪار منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي بسون ڏيڻ جي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس کي آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪو گهٽ ۾ گهٽ پگهار کان به گهٽ ڏيندڙ ته سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي، گرين لائن جو ڀاڙو نه وڌائيندا، سهولتن ۾ اضافو ڪندا ۽ ڪوشش آهي ته سرڪاري خراني تي بار نه پئي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو پنڪ اسڪوٽيز عورتن کي مفت فراهم ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اسڪوٽيز نوڪري ڪندڙ عورتن کي ڏنيون وينديون، آءِ ورڪ فار سنڌ ايپ به شروع ڪئي وئي آهي، جلد پنڪ ٽيڪسي به متعارف ڪرائي ويندي.