تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاقي سرڪار منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي بسون ڏيڻ جي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي، بي آر ٽي منصوبو وقت تي مڪمل ڪيو ويندو، ماڻهن جي زندگي ۾ سولايون پيدا ڪرڻ حڪومتن جو ڪم آهي، سنڌ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ڪنهن به قسم جي پبلسٽي جي ضرورت ناهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي جو دورو ڪري منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ جاري تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ منصوبي جي اڳڀرائي جو معائنو ڪيو. ڪنسلٽنٽس صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبو جوڙيو ويندو، سنڌ حڪومت طئي ڪري ڇڏيو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته ييلو لائن بي آر ٽي سيپٽمبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، کيس مئي تائين وقت ڏنو ويو ته مڪمل ٿيندو، مقرر وقت کان پنج مهينا اڳ منصوبو مڪمل ٿي ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت شهرين جي سهولتن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، ڪراچي جي شهرين لاءِ شاهراهه ڀٽو ٺاهيو، ڄام صادق پل به ٻيهر ٺاهي رهيا آهن، حڪومتن جو ڪم عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ به ڪجهه مسئلا هئا، گرين لائن ۽ اورينج لائن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا ۽ اوهان کي واضح فرق نظر ايندو، ٽرانسپورٽ کاتو سٺن آفيسرن سان گڏ بهتر نموني ڪم ڪري رهيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته وفاقي سرڪار منصوبا مڪمل ڪرڻ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي بسون ڏيڻ جي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس کي آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪو گهٽ ۾ گهٽ پگهار کان به گهٽ ڏيندڙ ته سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي، گرين لائن جو ڀاڙو نه وڌائيندا، سهولتن ۾ اضافو ڪندا ۽ ڪوشش آهي ته سرڪاري خراني تي بار نه پئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو پنڪ اسڪوٽيز عورتن کي مفت فراهم ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اسڪوٽيز نوڪري ڪندڙ عورتن کي ڏنيون وينديون، آءِ ورڪ فار سنڌ ايپ به شروع ڪئي وئي آهي، جلد پنڪ ٽيڪسي به متعارف ڪرائي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون