تازه ترين

سنڌ سرڪار ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي نتيجن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي نتيجن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت طرفان سڄي صوبي ۾ ميٽرڪ 10 جولاءِ ۽ انٽر بورڊ جي نتيجن جو اعلان31 جولاءِ تي ڪيو ويندو. يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ تعليمي بورڊن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ يونيورسٽين واري سيڪريٽري محمد عباس بلوچ ۽ صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي صوبي ۾ مڪمل ٿيل ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي سالياني امتحانن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سمورن تعليمي بورڊن پنهنجي پنهنجي ڊويزن ۾ ٿيل امتحانن بابت تفيصلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير چيو ته سڄي سنڌ جي سمورين ڊويزنن ۾ ميٽرڪ جو رزلٽ 10 جولاءِ  ۽ انٽرميڊيٽ جا نتيجا 31 جولاءِ تائين جاري ڪيا ويندائ اسماعيل راهو چيو ته امتحانن جا نتيجا مقرر وقت تي جاري ڪيا وڃن ته جيئن شاگردن کي وقت تي داخلا جي سهولت ملي سگهي،  شفافيت، ميرٽ ۽ امتحاني نظام جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
45 %
1.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون