- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ميڊيا انڊسٽري جي ڊگهي مدي واري ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششان رهي آهي، صحافين جي ڀلائي توڙي ترقي توڙي اظهار جي آزادي يقيني بڻائڻ سندن ويزن آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان آزاد ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظهر سعيد شاهه ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مولانا اعجاز محمود، ملڪ آصف رضا، حسن عاصم، محمد ارقم شاهه ۽ ولي الله ۾ موجود هئا.
ملاقات دوران قومي مسئلن، آزاد ڪشمير ۽ سنڌ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
شرجيل انعام ميمڻ وفد کي سنڌ حڪومت طرفان صحافين لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني.
سندس چوڻ هو ته ميڊيا ۽ اظهار جي آزاديءَ رڳو اصول نه پر جمهوريت جو بنيادي جز آهي، ميڊيا هائوسز توڙي صحافين جي بنا خوف آزادي سان ڪم ڪرڻ وارو ماحول فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جو عزم آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته متحرڪ، آزاد ميڊيا ۽ هڪ شفاف حڪومت لاءِ ضروري آهي، آزاد ميڊيا جمهوري معاشري جو ٿنڀ آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صحافين، ميڊيا ورڪرن ۽ ميڊيا هائوسز لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن.
ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظهر سعيد شاهه شرجيل ميمڻ کي ڪشميري چانهه جو تحفو پڻ پيش ڪيو، جڏهن ته سينيئر صوبائي وزير آيل مهمانن کي سنڌ ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.- Advertisement -
