سنڌ سرڪار پاران صوبي جي 30 ضلعن ۾ پاڪ –ڀارت ميچ اسڪرينن تي ڏيکارڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت 23 فيبروري تي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي جي سمورن ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي پاڪ-ڀارت ميچ سڌي ريت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راندين واري وزارت ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ گھوٽڪي سميت 30 ضلعن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ سڌي ريت اسڪرينن تي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري ۽ سنڌ يوٿ ڪلب گلستان جوهر ۾ وڏي اسڪرين تي عوام کي ميچ ڏيکاري ويندي. سنڌ جي راندين واري وزير چيو ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم، خيرپور جي ممتاز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ پڻ ميچ اسڪرين تي لائيو ڏيکارڻ جو انتظام ڪيو ويندو. سردار محمد بخش مھر خانڳڙهه ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان گڏ ميچ ڏسندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
44%
3.1m/s
80%
سُومر
25 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
35 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون