تازه ترين

سنڌ سرڪار پاران صوبي جي 30 ضلعن ۾ پاڪ –ڀارت ميچ اسڪرينن تي ڏيکارڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت 23 فيبروري تي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي جي سمورن ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي پاڪ-ڀارت ميچ سڌي ريت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راندين واري وزارت ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ گھوٽڪي سميت 30 ضلعن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ سڌي ريت اسڪرينن تي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري ۽ سنڌ يوٿ ڪلب گلستان جوهر ۾ وڏي اسڪرين تي عوام کي ميچ ڏيکاري ويندي.

سنڌ جي راندين واري وزير چيو ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم، خيرپور جي ممتاز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ پڻ ميچ اسڪرين تي لائيو ڏيکارڻ جو انتظام ڪيو ويندو.

سردار محمد بخش مھر خانڳڙهه ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان گڏ ميچ ڏسندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون