تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار ڊجيٽل لرننگ اسڪولن لاءِ 710 ملين رپيا سيڙپڪاري ڪري رهي آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊجيٽل لرننگ پروگرام لاءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ ٽيڪ دي ورلڊ فائونڊيشن وچ ۾ ڀائيواري هوندي، سنڌ ۾ سيف جي هڪ سئو ڊجيٽل اسڪولن کي مائيڪرو اسڪولز ۽ 25 ڊجيٽل ڪلاس رومز ٺاهيا ويندا، سنڌ سرڪار ڊجيٽل لرننگ اسڪولز لاءِ پروگرام تحت 710 ملين رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، ڊجيٽل پروگرام ذريعي پرائمري سطح تي گهٽ تعليم يافته 12 هزار 5 سئو کان وڌيڪ شاگردن کي تعليم جون اهم مهارتون سيکاريون وينديون. وڏو وزير مراد علي شاهه ملير جي علائقي رزاق آباد پهچي ويو. تعليم وارو صوبائي وزير سردار به وڏي وزير سان گڏ هو. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي پروگرام اڪسيليريڊيڊ ڊجيٽل لرننگ جي پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، ٽيچ دي ورلڊ سان گڏجي رزاق آباد ۾ ڊجيٽل مائڪرو اسڪول قائم ڪيو آهي جنهن جو وڏي وزير مراد علي شاهه افتتاح ڪيو. سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري، سيف جو ايم ڊي قاضي ڪبير، ٽيچ دي ورلڊ جي انتظاميا وڏي وزير جو آڌرڀاءُ ڪيو. وڏو وزير مراد علي شاهه ٻارن کي بليڪ بورڊ تي پڙهايو ۽ ٻارن سان رلي ملي ويو. وڏي وزير ٻارن جي والدين سان به ملاقات ڪئي. مائيڪرو اسڪول ڪانسيپٽ تحت اهي ٻارڙا ۽ ٻارڙيون داخل ڪيو ويون آهن جيڪي ڪڏهن اسڪول نه ويون. وڏي وزير مراد علي شاهه اسڪول ۾ سولر لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊجيٽل لرننگ پروگرام لاءِ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ ٽيڪ دي ورلڊ فائونڊيشن وچ ۾ ڀائيواري هوندي، سنڌ ۾ سيف جي هڪ سئو ڊجيٽل اسڪولن کي مائيڪرو اسڪولز ۽ 25 ڊجيٽل ڪلاس رومز ٺاهيا ويندا. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڊجيٽل لرننگ اسڪولز لاءِ پروگرام تحت 710 ملين رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، ڊجيٽل پروگرام ذريعي پرائمري سطح تي گهٽ تعليم يافته 12 هزار 5 سئو کان وڌيڪ شاگردن کي تعليم جون اهم مهارتون سيکاريون وينديون. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت سيف تحت معياري منصوبا قائم ڪري رهي آهي، ڊجيٽل تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن منصوبي تحت تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، سندس مقصد تعليم تائين پهچ ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته اڪسيليريڊيڊ ڊجيٽل لرننگ پروگرام جو هڪ شروعاتي مرحول اڄ ڪيو ڪيو پيو وڃي، ڊجيٽل لرننگ پروگرام کي ٽي ٽي ڊبليو ايف ذريعي لاڳو ڪيو ويندو، پراجيڪٽ 18 مهينن تائين هلندو ۽ ٻيهر ٻين سببن کي شامل ڪندي هن ۾ اضافو ڪيو ويندو، منصوبي جي شروعات ٻن مائيڪرو اسڪولز جي قيام سان ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته منصوبي جي شروعات ملير جي علائقي رزاق آباد کي ڪئي پئي وڃي، ايندڙ سال هڪ سئو مائيڪرو اسڪولز ۽ 25 ڊجيٽل ڪلاس رومز مڪمل ٿي ويندا، سيف کي جديد طريقي ذريعي صوبي ۾ معياري تعليم جي مدد لاءِ پابند ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
32 %
3.9kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون