تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ سرڪار ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ بابت فائنل نوٽيفڪيشن پيش نه ڪري سگهي

- Advertisement -
سنڌ سرڪار ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ بابت فائنل نوٽيفڪيشن پيش نه ڪري سگهي، سنڌ هائيڪورٽ ميرپورخاص بئنچ قطعي نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ لاءِ مهلت بعد چيف سيڪريٽري، سياحت ۽ ثقافت واري سيڪريٽري خلاف توهين عدالت ڪارروائيءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪيس جي وڪيل شنڪر ميگهواڙ جو چوڻ آهي ته سنڌ هائيڪورٽ ميرپورخاص بئنچ ۾ سنڌ سرڪار طرفان ٽيڪنيڪل ڪميٽي مان  ڪارونجهر کي هيريٽيج قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن پيش ڪيو ويو. وڪيل چيو ته عدالت سنڌ سرڪار کي فائنل نوٽيفڪيشن پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ جي مهلت ڏني. وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت هڪ ڪلاڪ جي مهلت ختم ٿيڻ بعد وڌيڪ اڌ ڪلاڪ جي مهلت ڏني، پر سرڪار قطعي نوٽيفڪيشن پيش نه ڪيو. وڪيل چيو ته  قطعي نوٽيفڪيشن پيش نه ڪرڻ کانپوءِ عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه، سياحت ۽ ثقافت واري سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ٿي وئي. سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ٽيڪنيڪل ڪميٽي واري نوٽيفڪيشن جا ڪاغذ هٿ ڪري ورتا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
36 %
4.3kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون