سنڌ سرڪار ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ واري موقف تان ڦري وئي، صوبائي سرڪار حڪومت ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
سنڌ سرڪار طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.
ڪيس جي وڪيل شنڪر لال ۽ ٻين کي ثقافت کاتي طرفان داخل ڪيل درخواست تي نوٽيس ملي ويا آهن.
ان سلسلي ۾ وڪيل شنڪر لال جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ڪو به اسٽي آرڊر ناهي ڏنو، هائيڪورٽ کي ڪم به ناهي روڪيو ويو، سردار شاهه 11 جولاءِ تي جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي هئي هي قدم ان جي ابتڙ آهي.
هن چيو ته سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ ميرپورخاص کي به ان بابت آگاهه ڪيو ويندو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 مئي تي ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.