اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ نئون روٽ ملير ڪينٽ چيڪ پوسٽ نمبر 5 کان نمائش چورنگي، تائين 18 ڪلوميٽر ڊگھو هوندو.
ھن چيو تھ اليڪٽرڪ بس صفورا چورنگي، ڪامران چورنگي کان ٿيندي، پرفيوم چوڪ، ملينيم مال ويندي.
سندس چوڻ هو ته اليڪٽرڪ بس ڊالميا، لياقت نيشنل اسپتال، جيل چورنگي ايم اي جناح روڊ کان ٿيندي نمائش چورنگي پهچندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اڄ کان اليڪٽرڪ بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو ويو آھي، نئين روٽ سان عوام جي سفري سهولتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
ھن چيو تھ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي عوام جي سفري پريشانين جو احساس آهي، عوام کي سستي ۽ آرام ڏيندڙ سواري فراهم ڪرڻ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي پھرين آهي.