سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هندو برادري کي ڏياري جي ڏڻ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سنڌ امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي، هتي سمورا مذهب پنهنجون خوشيون آزادي سان ملهائيندا آهن، سنڌ سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ڏياري جون مبارڪون هجن.
جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هندو برادري کي ڏياري جي ڏڻ جون مبارڪون ۽ نيت خواهشن جو اظهار ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڏياري روشنين سان گڏ خوشي جو ڏڻ آهي، هو پنهنجي هندو ڀائرن سان خوشي جي ڏڻ ۾ برابر جا شريڪ آهن.
هن چيو ته پيپلزپارٽي اقليتي ماڻهن کي حڪومت ۽ ٻين انتظامي ادارن ۾ نمائندگي ڏني آهي، اقليتن کي سنڌ ۾ برابري جا حق حاصل آهن ۽ آئين سندن حقن کي حفاظت فراهم ڪري ٿو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 2 هندو جنرل سيٽن تي ڪامياب ٿيا آهن ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڪرسچن آهي، سنڌ حڪومت سمورن اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي، هو اقليتن جا سمورا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪندا آهن