تازه ترين

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ اڄ عيد جو ڏينهن آهي : ذوالفقار علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه پاران سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته موهن جي دڙي جا وارث ۽ هڪ پرامن خوشحال ثقافت جا مالڪ آهيون هن چيو ته موهن جي دڙي مان ڪو به هٿيار هٿ نه آيو، موهن جي دڙي جي ثقافت امن، پيار ۽ محبت جي ثقافت آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته قلندر، ڀٽائي، سچل جي ڌرتي انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿي، سنڌي ماڻهو هر ثقافت ۽ تهذيب جو احترام ڪن ٿا. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ اڄ عيد جو ڏينهن آهي، ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندڙن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
45 %
1.3kmh
8 %
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون