تازه ترين

سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ٽيسٽ جاري

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ٽيسٽ جاري آهي. سڄي ملڪ ۾ هڪ لک 67 هزار وڌيڪ اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن، ان موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. ايم ڊي ڪيٽ لاءِ پنجاب جي 12 شهرن ۾ قائم 26 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جتي مجموعي طور 58 هزار 380 اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ 40 هزار 364 شاگردياڻيون ۽ 18 هزار 16 شاگرد شامل آهن. سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي ذميواري ڊائو يونيورسٽي کي ڏني وئي آهي، راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ ۾ 38 هزار 700 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. بلوچستان مان 5 هزار 806 شاگرد انٽري ٽيسٽ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، بلوچستان ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ بيوٽمز ۾ ٿيندي. خيبرپختونخوا مان ٽيسٽ ۾ 42 هزار کان وڌيڪ اميدوار حصو وٺي رهي آهن، ٽيسٽ لاءِ 8 ضلعن ۾ 13 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ 18 هزار 408، آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 145، گلگت بلتستان ۾ 739 اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون