تازه ترين

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

رتيديري ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽو ۾ استادن جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو گلشير احمد سومرو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جڏهن ته استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين استادن کي گلن جا تحفا پيش ڪري ڀيٽا ڏني.

ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن گلشير احمد سومرو چيو ته تعليم ماڻهو کي انسان بڻائيندي آهي، ڪنهن دور ۾ ھو به انھن بينچن تي ويهي پڙھيا انھن استادن وٽان علم پرايو اڄ آفيسر آھن جن شاگردن استادن جي احترام کي سمجهي استادن جي عزت ڪئي اڄ اھي شاگرد ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن.

هن چيو ته استاد والدين جي برابر آهي استاد جي عزت ۽ احترام والد جيتري ڪريو زندگي ۾ ھر محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪندئو.

آخر ۾ ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو گلشير احمد سومرو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽو جي استادن کي گلن جي مالھا پارائي.

ڀرياروڊ جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ استادن جو عالمي ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو.

آزاد پبلڪ اسڪول ۾  استادن جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.

ٻارڙن طرفان استادن جي شان ۾ تقريرون ڪيون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد حاصل ڪيو.

استادن ۽ شاگردن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ اھو معاشرو، قوم ۽ ملڪ ڪڏهن به ترقي نٿا ڪري سگهن جيسيتائين اھي پنهنجن استادن جي عزت نٿا ڪن.

تقريب جي آخر ۾ ٻارڙن پاران استادن کي گلن جا دستا پيش ڪري نمي سلام ڪيو ويو…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
26 ° C
26 °
26 °
50 %
3.6kmh
99 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون