سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ن ليگ قائد نوازشريف،  ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب، پ پ اڳواڻ حنا رباني کر، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري،  پ پ اڳواڻ مير منور ٽالپر، ن ليگ جي  عظميٰ بخاري ۽ ٻين جا فارم بحال ٿي ويا آهن. مٽياري ۾ اين اي 216 تي مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم محبوب الزمان جا فارم بحال ٿي ويا آهن. مٽيار جي پي ايس 57 تي جي ڊي اي اڳواڻ سيد جلال محمد شاهه جو فارم بحالي ٿي ويو آهي. قومي تڪ اين اي 197 قمبر ۽ پي ايس 17 وارهه تي پ پ اڳواڻ نثار کهڙو جا نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويا آهن. صوبائي تڪ پي ايس 57 تي پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد جاني شاهه جا فارم به بحال ٿي ويا. پي ايس 33 محرابپور تي پ  پ اڳواڻ مسرور علي راڄپر جا نامزدگي ڪاغذ بحال ٿي ويا آهن. تلهار ۾ جي صوبائي تڪ 69 تي پ پ اميدوار مير الله بخش ٽالپر جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا آهن. ٽنڊي باگي جي پي ايس 70 تي پ پ اڳواڻ ارباب امان الله، آزاد اميدوار ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيو، رئيس شاهنواز جمالي، جي يو آءِ اڳواڻ مولوي عبدالڪريم جا فارم به بحال ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 30 ڊسمبر تائين نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب  نامزدگي ڪاغذ رد يا منظور ٿيڻ خلاف اپيل 3 جنوري تائين داخل ڪرائي سگهبي، 11 جنوري تي نظرثاني ٿيل لسٽ جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته، اميدوار 12 جنوري تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا، اميدوارن کي چونڊ نشان 13 جنوري تي الاٽ ڪيا ويندا ۽ 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون