تازه ترين

سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان

- Advertisement -
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سخت گرم ۽ خشڪ موسم جي وڪڙ ۾ آهي، شهر ۾ صبح سان ئي جهولو هلي رهيو آهي. موسميات کاتي موجب، اڄ شهر ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچڻ جو امڪان آهي. طبي ماهرن پاران شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي جو زور وڌڻ سان ئي مختلف انفيڪشنز جو خطرو وڌي ويندو آهي. طبي ماهرن موجب، شهري ٻاهرين کاڌي ۽ مشروبات کان پرهيز ڪندي پاڻي اٻاري پيئن، شهري هلڪي رنگ جا ويڪرا ڪپڙا پهرن، ٻاهر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته صبح يارهين وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين پاڻ کي سڌي ريت اُس جي تپش کان پاڻ کي بچائن. واضح رهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ به موسم گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته ڏکڻ وارا علائقا انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب، اپر خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي برسات پوڻ جو امڪان آهي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون