تازه ترين

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن مان غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن مان غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي.

اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ٻين شهرن مان پرڏيهين کي واپس موڪليو پيو وڃي.

حيدرآباد، ڪنب ۽ سرهاڙي سميت ٻين شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي.

حيدرآباد ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪرڻ واري حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو.

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد شهر کان ٻاهر هولڊنگ سينٽر قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته هولڊنگ سينٽر ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي رکيو ويندو.

حڪومت پاران غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي ڏنل مدو پورو ٿيڻ کي 3 ڏينهن گذري ويا پر غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي.

حڪومت طرفان غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي ڏيهه واپسي لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنب ۾ پوليس غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جي نيڪاليءَ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا.

شھرين پاران اطلاع ڏيڻ بعد باوجود پوليس پرڏيهين جي نيڪاليءَ لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي.

سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون