تازه ترين

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن نئين جدت سان سڌارا آڻڻ جو تفصيلي پلان تيار ڪري ورتو

- Advertisement -
سنڌ سيڊ ڪارپوريشن نئين جدت سان سڌارا آڻڻ جو تفصيلي پلان تيار ڪري ورتو، جيڪو سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. زراعت کاتي جي صوبائي وزير محمد بخش مهر جي صدارت ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان آندل سڌارن بابت تفصيلي پلان پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم ڊي مشتاق احمد سومرو، سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان سڌارا آڻڻ لاءِ هڪ تفصيلي پلان پيش ڪيو. صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان سڌارا آڻڻ جو جيڪو پلان تيار ڪيو ويو آهي اهو سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر کي تفصيلي آگاهي ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي زراعت کاتي سيڊ ڪارپوريشن جي نئين ايپ تيار ڪندي 7 زرعي فارم ۽ سيڊ پروسيسنگ پلانٽ به فعال ڪري ورتا آهن. صوبائي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سيڊ ڪارپوريشن هاڻي ميون، تيل جا ٻج ۽ سبزين جا ٻج به تيار ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون