- Advertisement -
سنڌ سيڊ ڪارپوريشن نئين جدت سان سڌارا آڻڻ جو تفصيلي پلان تيار ڪري ورتو، جيڪو سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
زراعت کاتي جي صوبائي وزير محمد بخش مهر جي صدارت ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان آندل سڌارن بابت تفصيلي پلان پيش ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ايم ڊي مشتاق احمد سومرو، سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان سڌارا آڻڻ لاءِ هڪ تفصيلي پلان پيش ڪيو.
صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته سيڊ ڪارپوريشن ۾ نئين جدت سان سڌارا آڻڻ جو جيڪو پلان تيار ڪيو ويو آهي اهو سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر کي تفصيلي آگاهي ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي زراعت کاتي سيڊ ڪارپوريشن جي نئين ايپ تيار ڪندي 7 زرعي فارم ۽ سيڊ پروسيسنگ پلانٽ به فعال ڪري ورتا آهن.
صوبائي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سيڊ ڪارپوريشن هاڻي ميون، تيل جا ٻج ۽ سبزين جا ٻج به تيار ڪندي.- Advertisement -
