تازه ترين

سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اينٽي ڪرپشن متحرڪ

سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اينٽي ڪرپشن متحرڪ ٿي وئي، ڪرپٽ بيورو ڪريٽس خلاف 4 ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر فخر عالم جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن بابت  اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ صوبي جي مختلف کاتن بابت ڪيسن، شڪايتن ۽ اڳڀرائي رپورٽن جو جائزو ورتو ويو.

مختلف کاتن ۾ ڪرپشن جي 29 ڪيسن بابت جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ڪرپٽ بيورو ڪريٽس خلاف 4 ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ ڪوآپريٽو، لوڪل گورنمينٽ، يونيورسٽين ۽ بورڊز، ورڪس اينڊ سروسز بابت ڪيسن جو جائزو ورتو ويو.

بورڊ آف روينيو، آبپاشي کاتي ۽ ٻين خلاف 29 ڪيس ضروري منظوري لاءِ ڪميٽي آڏو رکيا ويا.

ڪميٽي 20 ڪيسن ۾ اوپن انڪوائري ڪرڻ جي به منظوري ڏني.

17 ڪيسن جي شروعاتي جاچ، ٽن ڪيسن ۾ وڌيڪ ڪارروائي خاطر لاڳاپيل کاتي کي موڪليا ويا، جڏهن ته ڪميٽي 5 ڪيس داخل ڪرڻ  بابت کاتن کي اجازت لاءِ موڪلي ڇڏيا.

چيف سيڪريٽري سنڌ پاران اينٽي ڪرپشن اداري کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪرڻ سميت ڪرپشن جي خاتمي جي هدايت ڪئي وئي……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون