تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِڪورٽ سنڌ حڪومت کي سمورن کاتن ۾ ڀرتين کان روڪي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هائيڪورٽ سنڌ سرڪار کي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتين کان روڪيندي خالي جاين تي ڀرتي لاءِ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتهار معطل ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان 30 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ سرڪار کي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتين واري معاملي بابت ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم طرفان بئريسٽر ڊاڪٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿيو.

درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سرڪار جو مدو 11 آگسٽ 2023ع تي ختم ٿي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ غيرقانوني ڀرتيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

عدالت چيو ته سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن ۽ انهن جي ذيلي کاتن ۾ سمورا ڊپٽي ڪمشنر گريڊ هڪ کان 15 تائين مقرريون نٿا ڪري سگهن.

عدالت سنڌ سرڪار کي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتين کان روڪيندي خالي جاين تي ڀرتي لاءِ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتهار معطل ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان 30 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15 %
1kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون