تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ميرپورخاص ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس بابت ٻن پٽيشنز جي ٻڌڻي 8 ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ميرپورخاص ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس بابت ٻن پٽيشنز جي ٻڌڻي 8 ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ بينچ ميرپورخاص ۾ سنڌڙي ٿاڻي تي ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل بابت داخل ايف آءِ آر ختم ڪرائڻ لاءِ پير عمر جان سرھندي پاران داخل پٽيشن توڙي وڪيلن پاران عدالتي جاچ ڪرائڻ جي لاءِ داخل ڪيل پٽيشننز جي ٻڌڻي ٿي. بئريسٽر اسد الله شاهه راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تھ پير عمر جان سرھندي پاران داخل ڪيل پٽيشن بابت ھنن عدالت ۾ پنھنجو جواب داخل ڪرايو آھي. هن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي آءِ جي سنڌ پاران ڪرايل جاچ جي مڪمل ڪاپي وصول ڪرڻ لاءِ ھنن عدالت معرفت گھر ڪئي ھئي، پر عدالتي حڪم باوجود اھا مڪمل ڪاپي اڃا تائين کين ناھي ملي سگھي، سرڪاري وڪيل ان ڏس ۾ ٻڌايو تھ کيس ان بابت ڪا خبر ناھي. ھن چيو تھ جيڪا انڪوائري ٿيل آھي، ان ۾ ڪافي شاھديون موجود آھن، اھا رپورٽ ملندي ته بعد ۾ ھن ڪيس کي بھتر نموني اڳيان وڌائي سگھبو، تنهن ڪري عدالت ٻيھر اڄ رپورٽ جي ڪاپي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. بئريسٽر اسد الله وڌيڪ چيو تھ هنن عدالت کي اھا پڻ استدعا ڪئي آھي تھ ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل ماڻھن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ آيا آھن يا ناھن آيا؟ ۽ تازي جيڪا پوليس جاچ ڪري رھي آھي، هنن ان ڏس ۾ عدالت کي ٻڌايو تھ اھا غير قانوني آھي. هن واضح چيو ته پوليس ڪسٽڊي ۾ جيڪي موت ٿين ٿا، ان جي جاچ پوليس نھ پر ھيومن رائيٽس ڪميشن جي نگراني ۾ ايف آءِ اي کي ڪرڻي آھي، ڇاڪاڻ تھ ھن ڪيس ۾ سائبر ڪرائم جو بھ اشو آھي. جوابدار ڌر وارن ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 28 آڪٽوبر گھري پر عدالت ڪيس جي نزاڪت کي ڏسندي ايندڙ 8 ڏينھن اندر ٻيھر ٻڌڻي جي تاريخ رکي آھي. عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز جي سالي ۽ فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر ٻڌايو تھ ھن ڪيس جي جاچ پوليس نٿي ڪري سگھي، ان ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسر کي ڌر بڻايو ويندو ۽ جاچ پوليس کان واپس وٺي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻ جي گھر ڪئي ويندي. ساڳئي ڪيس جي پيروي ڪندڙ ايڊووڪيٽ اصغر ناريجي ٻڌايو تھ ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ ڪافي ڪردار لڪل آھن، جن ۾ ھڪ ايم اين اي آھي، ڪجھه پوليس اھلڪار آھن، پاڻ کي صحافي سڏائيندڙ بھ ان ۾ شامل آھن،  ان ڪري عدالتي جاچ ٿي تھ سمورا لڪل ڪردار بھ ظاھر ٿيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون