سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙڻ تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي 7 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي.
عدالت جماعت اسلامي جي درخواست تي بجلي جي بلن تي ميونسپل ٽيڪس وصول ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم موجب ڪي اليڪٽرڪ ذريعي يوٽيلٽي ٽيڪس جي وصولي بابت تفصيلي بحث ضروري هو، پر ميئر ڪراچي ان معاملي تي ڪميٽين کي نه بريفنگ ڏني ۽ نه ئي وري ايوان ۾ بحث ڪيو.
هن چيو ته ڪي ايم سي ايوان ۾ ضمني ايجنڊا تحت يوٽيلٽي ٽيڪس جي وصولي جي قرارداد منظور ڪئي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم موجب 300 يونٽ استعمال ڪندڙن کي ايم يو سي ٽي چارجز کان ڇوٽ ڏني وڃي ها، پر رڳو 2 سئو يونٽ هولڊرز کي ڇوٽ ڏني وئي آهي.
جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته ميئر مرتضيٰ وهاب 29 مئي 2024ع واري عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ايم يو سي ٽي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻئي ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ حڪم نامو ڪيئن جاري ڪيو وڃي ؟
وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته مختصر تاريخ ڏني وڃي ته جيئن ڪراچي جي عوام کي وڌيڪ نقصان نه پهچي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي…