تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا ٽائون فيڪٽري ڪيس ۾ روپوش جوابدار حماد صديقي کي پاڪستان واپس آڻڻ واري معاملي تي طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا ٽائون فيڪٽري ڪيس ۾ روپوش جوابدار حماد صديقي کي پاڪستان واپس آڻڻ واري معاملي تي طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو ظاهر ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ وفاقي گهرو وزير کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڌئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا بلديا ٽائون فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت جي طلبي باوجود وفاقي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ جو گهرو سيڪريٽري پيش نه ٿيا.

ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا،  گھرو وزارت جو سيڪشن آفيسر ۽ فوڪل پرسن گهرو کاتو سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت ۾ پيش ٿيندڙ آفيسر عدالت کي مطمئن نه ڪري سگھيا.

سيڪريٽريز جي رويي تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ، وفاقي گھرو سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري پيش ٿين.

جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته 259 شهري مارجي ويا ڪنهن کي ان جو احساس ناھي.

گهرو وزارت جي سيڪشن آفيسر چيو ته گهرو وزارت حماد صديقي جي گرفتاريءَ لاءِ ڪيترائي الرٽ جاري ڪيا، وفاقي حڪومت حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ انٽرپول کان ريڊ وارنٽ به جاري ڪرائي ڇڏيا آھن.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
14 %
1.5kmh
0 %
سُومر
17 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون