تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا، آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا، سنڌ جي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ريفرنس واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني طرفان ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي.

وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آغا سراج دراني هڪ سال 8 مهينا جيل ۾ گذاري چڪو آهي، ايترو مدو جيل ۾ گذارڻ تي هو ضمانت جو مستحق آهي.

جسٽس ڪي ڪي آغا، سنڌ جي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار ڪندي نئين بينچ جوڙڻ لاءِ درخواست چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏي.

گذريل ٻڌڻي تي جسٽس مبين لاکو به آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي کان لاچاري ظاهر ڪئي هئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون