- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي 60 ملازمن پاران مستقل نه ڪرڻ ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايس ايس پي سکر کي ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپل کي 7 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي ملازمن جو مسئلو ٻن مهينن ۾ حل ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
