- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملڻ تي تعليم ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽريز سميت چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ رضا شر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار جي وڪيل اسد گهمرو عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري اسڪولز پهرين درجي کان مئٽرڪ تائين درسي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري کي اڍائي ارب روپيا جاري ڪيا. ڪتاب نه ملڻ سبب شاگرد پريشان آهن.
عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ناڻي ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽريز، چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
