تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ کارسر سميت سموري ڪارونجهر کي محفوظ علائقي قرار ڏيندي جبل جي ڪٽائي تي پابندي لڳائيندي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ کارسر سميت سموري ڪارونجهر کي محفوظ علائقي قرار ڏيندي جبل جي ڪٽائي تي پابندي لڳائيندي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ثقافت کاتي پاران ڪارونجھر جبل جي رڳو 21 ھزار ايڪڙن واري ايراضيءَ کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت کارسر سميت سموري ڪارونجھر جبل کي ھڪ جابلو سلسلو قرار  ڏيندي ان کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ثقافت جي سيڪريٽري سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجھر جبل جي سموري رينج کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن جمع نھ ڪرايو جنهن تي عدالت طرفان کيس توهين عدالت جو نوٽيس ڏنو ويو. ثقافت جي سيڪريٽري کي ڏنل توھين عدالت جي نوٽيس کان پوءِ ثقافت کاتي پاران ڪارونجھر جبل جي رڳو 21 ھزار ايڪڙن تي ٻڌل مک باڊيءَ کي محفوظ ورثو قرار ڏنو ويو. اھڙي نوٽيفڪيشن تي درخواست داخل ڪندڙ وڪيل شنڪر لال ميگھواڙ عدالت ۾ اعتراض داخل ڪيو تھ ڪارونجھر جبل رڳو 21 ھزار ايڪڙن تي ناھي ٻڌل، اھو اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آھي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ کارسر سميت سموري ڪارونجهر کي محفوظ علائقي قرار ڏيندي جبل جي ڪٽائي تي پابندي لڳائي ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون